واهي پانڌي ۾ ٽرانسپورٽرز پاران ڀاڙا نه گهٽائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

wahipandhi-QAT

واهي پانڌي ۾ ٽرانسپورٽرز پاران ڀاڙا نه گهٽائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

شهرين عطا برھماڻي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گورک روڊ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته تيل جون قيمتون گھٽجڻ باوجود ٽرانسپورٽرن ھڪ ھٽي قائم ڪري ڀاڙا نه گھٽايا آھن.

هنن چيو ته تيل جي اگهن ۾ معمولي واڌ ٿيندي آهي ته ٽرانسپورٽر ڀاڙا ٻيڻا ڪري ڇڏيندا آهن، پر تيل اگهه گهٽجڻ باوجود ڪرايا ناهن گهٽايا ويا.

هنن مطالبو ڪيو ته جلد ڪرايا گھٽائي عوام کي رليف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*