وفاقي جاچ اداري، متحده قومي موومينٽ تي ڀارتي ڳجهي اداري “ را” سان مبينا لاڳاپن وارن الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

mqm

وفاقي جاچ اداري، متحده قومي موومينٽ تي ڀارتي ڳجهي اداري “ را” سان مبينا لاڳاپن وارن الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي سرفراز مرچنٽ کي طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب، ايف آءِ اي سرفراز مرچنٽ جي الزامن بعد باضابطه جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي،  ايم ڪيو ايم ۽ ان جي قيادت خلاف مني لانڊرنگ، هٿيارن جي غير قانوني خريداري ۽ متحده مٿان “ را” کان فنڊ وٺڻ وارن الزامن جي تفصيلي سان جاچ ڪئي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي واپاري سرفراز مرچنٽ کي سيڪشن هڪ سئو 60 تحت پيشي جو حڪم ڏنو آهي ۽ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سرفراز مرچنٽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ نه آيو ته کيس عدالت جي ذريعي طلب ڪيو ويندو.

ايف آءِ اي پاران پنهنجي ويب سائيٽ تي هڪ نمبر به ڏنو ويو آهي ۽ اپيل ڪئي وئي آهي ته جنهن وٽ به ڪي ثبوت هجن، ان نمبرز تي رابطو ڪيو وڃي.

واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، سرفراز مرچنٽ جي الزامن بعد ايف آءِ اي کي جاچ جو حڪم ڏنو هو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*