سياسي حل ئي افغانستان ۾ جٽادار امن جو ضامن ثابت ٿي سگهي ٿو:پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا

nafees-zakria

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته سياسي حل ئي افغانستان ۾ جٽادار امن جو ضامن ثابت ٿي سگهي ٿو، چار ملڪي گروپ جي ذميواري ته اهو افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ڳالهيون وارو عمل ڪامياب بڻائي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد ۾ سندن اخلاقي حمايت جاري رکندو، جڏهن ته ڀارت سان ڳالهين ۾ ڪشمير مسئلو تي به ڳالهيون ٿينديون.

هن چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جو اڻپوري ايجنڊا آهي، جڏهن ته ڪشميري عوام ڊگهي عرصي کان ظلم برداشت ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان جو نيوڪيلئر پروگرام پنهنجي سالميت لاءِ آهي، جڏهن ته ايٽمي هٿيار مضبوط هٿن ۾ آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*