قومي اسيمبلي جي پارلياماني معاملن بابت ڪميٽي عورتن کي ووٽ کان روڪڻ تي چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ وارو بل چونڊ سڌارن واري ڪميٽي حوالي

islamabadnationalassemblyi0

قومي اسيمبلي جي پارلياماني معاملن بابت ڪميٽي عورتن کي ووٽ کان روڪڻ تي چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ وارو بل چونڊ سڌارن واري ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته انڪوائري ڪميشن جي نشاندهي تي اداري ۾ موجود خامين کي درست ڪيو پيو وڃي.

قومي اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ميان منا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي ايس اقبال قادري بل پيش ڪيو.

ايم ڪيو ايم جي ايس قادري چيو ته عورتن کي ووٽ کان روڪڻ وارين شڪايتن تي اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ گهرجن، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ان معاملي تي ڪڏهن به پاڻمرادو نوٽيس ناهي ورتو.

ڪميٽي چيرمين عورتن کي ووٽ جي اجازت نه ڏيڻ تي چوندون ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت بل لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪيو.

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ايندڙ عام چونڊن لاءِ 2017ع تائين تياريون مڪمل ٿي وينديون، جڏهن ته بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ لاءِ نين مشينن جي خريداري لاءِ پرنٽنگ ڪارپوريشن کي پيسا ڏئي ڇڏيا آهن.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن انڪوائري ڪميشن پاران ڄاڻايل خامين کي درست ڪرڻ جو ڪم به تيزي سان جاري آهي، جڏهن ته عام چونڊن لاءِ 80 هزار پرزائيڊنگ آفيسرز کي تربيت ڏني ويندي.

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اپريل ۾ چونڊن جي فهرستن ۾عورتن، مردن ۽ معذورن ماڻهن جي رجسٽريشن واري مهم شروع ڪئي ويندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*