19 مارچ تي ڌرم شالا ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ميچ هاڻي ڪولڪتا ۾ ٿيندي

PC-meeting

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ جو هنڌ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، 19 مارچ تي ڌرم شالا ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ميچ هاڻي ڪولڪتا ۾ ٿيندي، هندو انتهاپسند تنظيم اي ٽي ايف آءِ ڪولڪتا جي ايڊن گارڊن گرائونڊ جي پچ کوٽڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي وفد ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن سان ملاقات ڪرڻ بعد 19 مارچ تي رٿيل پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ ميچ جو هنڌ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

آءِ سي سي جي چيف ايگزيڪيوٽوِ ڊيوڊ رچرڊسن ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سرڪار جي ذميواري آهي.

هن چيو ته پاڪ – ڀارت ميچ ڌرمشالا بدران ڪلڪتا ۾ رکڻ وارو فيصلو بهترين آهي ۽ ان بابت پاڪستاني حڪومت توڙي ڪرڪيٽ بورڊ کي به آگاهه ڪيو ويو آهي.

ڊيوڊ رچرڊسن چيو آهي ته پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ ميچ جي اهميت کان هو مڪمل طور تي واقف آهن ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي هر قسم جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

ڊيوڊ رچرڊسن چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سمورين ٽيمن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

ٻئي طرف هندو انتهاپسند تنظيم جو چوڻ آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت ۾ ميچ کيڏڻ نه ڏيندا، ان لاءِ ڪولڪتا جي پچ کي به کوٽيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*