ميچ جو هنڌ تبديل ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪري ٿو:شهريارخان

shahryar-PCB

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان چيو آهي ته هو آءِ سي سي پاران ميچ جو هنڌ تبديل ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪري ٿو، پر جيستائين ڀارتي حڪومت پاران رانديگرن کي فول پروف سيڪيورٽي جي ضمانت نٿي ڏني وڃي، ان وقت تائين قومي وومن ۽ مين ٽيمون ڀارت روانيون نه ٿينديون.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين شهريارخان چيو ته هو آءِ سي سي پاران ڌرمشالا ۾ رٿيل 19 مارچ ڪلڪته ۾ ڪرائڻ واري فيصلي جي آجيان ڪري ٿو.

شهريارخان واضع ڪيو ته ميچ ڪلڪته منتقل ڪرڻ باوجود پاڪسان جي مردن ۽ عورتن واري ڪرڪيٽ ٽيمون  ان صورت ۾ ڀارت وينديون ،جڏهن انڊين حڪومت پاران مڪمل فول پروف سيڪيورٽي جو لکت ۾ يقين ڏياريو ويندو.

شهريارخان جو چوڻ هو  ته هن ششناڪ منوهر ۽آءِ سي سي عملدارن کي ٻڌايون آهي ته ڌرمشالا ۾ ڪجهه شدت پسند تنظيمن پاران ٽيم کي ڌمڪيون مليون، جنهن سبب وينيو تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پر هاڻي ڀارت ۾ موجود ڪجهه پاڪستان مخالف تنظيمون ۽ گروپس قومي ٽيم جي ڀارت آمد خلاف آهن ۽ ڌمڪيون ملي رهيو آهن ته  هو پاڪستان جون ميچز ٿيڻ نه ڏيندا.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين چيو ته اهڙي صورتحال ۾ پي سي بي فيصلو ڪيو آهي ته قومي ٽيمن کي ان وقت تائين ڀارت نه اماڻيو ويندو، جيستائين ڀارتي حڪومت پاران ٽيم جي مڪمل سيڪيورٽي جي ضمانت

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*