سينيٽ ۾ تعليمي نصاب ۾ بلوچن بابت اڻوڻندڙ لفظن جي استعمال ۽ غلطين تي مخالف ڌر جو احتجاج

senate-pakistan-11-8

سينيٽ ۾ تعليمي نصاب ۾ بلوچن بابت اڻوڻندڙ لفظن جي استعمال ۽ غلطين تي بلوچ سينيٽرز احتجاج ڪيو، چيئرمين رضا رباني رولنگ ڏيندي چيو آهي ته تعليمي نصاب ۾ سنگين غلطيون آهن، درسي ڪتابن ۾ ٻارڙن کي پڙهايو پيو وڃي ته آمريت ڇا ۽ جمهوريت جا ڪهڙا فائدا آهن.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين ميان رضا رباني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ايئرويز ڪمپني واري بل سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

بلوچ سينيٽر مير ڪبير سوشيالاجي ڪتاب ۾ بلوچن کي غير مذهب قرار ڏيڻ وارو معاملو اٿاريو.

مير ڪبير چيو ته سوشيالاجي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته بلوچ سدائين جهيڙا، قافلن کان ڦرلٽ ۽ عورتن کي تعليم کان روڪين ٿا، اسان کي ذليل ڪري ٻارڙن کي پڙهايو پيو وڃي.

چيئرمين رضا رباني رولنگ ڏيندي چيو ته تعليمي نصاب ۾ تاريخ بابت سنگين غلطيون موجود آهن، ٻارڙن کي جمهوريت ۽ آمريت جو نقصان ۽ فائدا سمجهايا پيا وڃن.

هن چيو ته درسي ڪتاب ۾ ٻارڙن کي پڙهايو پيو وڃي ته فوج ملڪ ۽ قوم کي بچايو، ڪتابن ۾ غلطين واري معاملي تي چئني وڏن وزيرن کي ڳالهايو ويندو.

سينيٽر مشاهد الله چيو ته اسان جا تعليمدان ستل آهن، اهڙيون غلطيون ٻين ڪتابن ۾ موجود آهن.

ايوان ۾ تحريڪ انصاف جي اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن جي تڪڙين بدلين واري معاملي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو.

اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ پاڪستان ايئرويز ڪمپني واري معاملي تي به بحث ڪيو ويو.

مملڪتي وزير  شيخ آفتاب چيو ته پاڪستان ايئرويز ڪمپني جي رجسٽريشن ڪرائي وئي آهي، 2ايئرلائنز هئڻ سان مسافرن کي بهتر سهولتون ملنديون، جڏهن ته ڪمپني سرڪاري هوندي يا خانگي ان بابت ڄاڻ نه آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*