ڀارتي حڪومت ۽ بي سي سي آءِ قومي ٽيم کي فول پروف سڪيورٽي جي خاطري ڪرائي آهي : شهريار خان

shahryar-khan

 پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته ڀارتي حڪومت ۽ بي سي سي آءِ قومي ٽيم کي فول پروف سڪيورٽي جي خاطري ڪرائي آهي، ٽيم ڀارت موڪلڻ بابت حتمي فيصلو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار  ڪندو.

ذريعن موجب، پي سي بي چيئرمين شهريار خان پاران وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ڏانهن خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ هـُن ٻڌايو آهي ته ڀارتي حڪومت ٽيم جي سڪيورٽي بابت کين مڪمل خاطري ڪرائي آهي.

شهريار خان ٻڌايو ته ڀارتي حڪومت ۽ بي سي سي آءِ جي عملدارن  ٻڌايو آهي ته پاڪستان ٽيم کي فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، جنهن لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب، شهريار خان خط ۾ اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ٽيم ڀارت نه وئي ته ان سان پي سي بي کي 15 ملين ڊالر جو نقصان ٿيندو.

 هوڏانهن پي سي بي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت ۽ بي سي سي آءِ سان رابطي ۾ آهيون، سڪيورٽي بابت ٿيندڙ اڳڀرائي کان گهرو وزارت کي آگاهه ڪيو پيو وڃي.

پي سي بي جي ترجمان موجب اميد آهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت موڪلڻ بابت فيصلو اڄ تائين ٿي ويندو، گهرو وزارت جيڪو به فيصلو ڪيو ان بابت ڀارتي حڪومت کي آگاهه ڪيو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*