سپريم ڪورٽ، سنڌ پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ انويسٽيگيشن فنڊز ۾ گهوٻين وارو معاملو نيب حوالي,چئن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

supreme-court-karachi-31-7 (1)

سپريم ڪورٽ، سنڌ پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ انويسٽيگيشن فنڊز ۾ گهوٻين وارو معاملو نيب حوالي ڪندي چئن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت رپورٽ جي روشني ۾ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ چيف سيڪريٽري کي قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڪارروائي دوران آءِ جي سنڌ سميت ٻين آفيسرز جو عهدن تي رهڻ نامناسب آهي.

جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ پاران پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ جاچ پوليس جي فنڊز ۾ گهوٻين واري ڪيس  لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ جاچ پوليس جي فنڊز ۾ گهوٻين وارو معاملو نيب حوالي ڪندي چئن هفتن اندر شفاف نموني سان جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت حڪم ۾ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم ڏنو آهي ته جاچ رپورٽ جي روشنيءَ ۾ ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ اهو به چيو آهي ته قانوني ڪارروائي دوران آءِ جي سنڌ سميت ٻين آفيسرن جو عهدن تي رهڻ نامناسب آهي.

عدالت چيف سيڪريٽري کي غير قانوني ڀرتين، جاچ فنڊز ۾ گهوٻين ۽ پيچِي رڪارڊ جي حوالي سان ڪاغذن کي محفوظ بڻائڻ جو به حڪم ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ڪاغذن تائين پهچ رڳو نيب کي ڏني وڃي.

عدالت درخواستگذار ۽ جاچ ڪميٽي ۾ شامل پوليس آفيسرن جِي اَي سي آر چيف سيڪريٽري کي لکڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته حيران آهيون ته آءِ جي سنڌ جاچ فنڊز جي حوالي سان رپورٽ نه ملڻ تي ڪميٽي ميمبز کي ڌمڪايو ۽ جنهن رپورٽ کي عدالت رد ڪيو، انهيءَ جي بنياد تي ڪميٽي ميمبرن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي.

پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ انويسٽيگيشن فنڊز ۾ گهوٻين جي جاچ لاءِ اي ڊي خواجا، سلطان خواجا ۽ ثناءُ الله عباسي تي ٻڌل ٽيم  پاران گذريل ڏينهن  سپريم ڪورٽ ۾  رپورٽس پيش ڪيون هيون.

جاچ ڪميٽي رپورٽس ۾ ڄاڻايو هو ته 2012ع کان پوليس ۾ ٿيل ڀرتين دوران وڏيون بي قاعدگيون ٿيون، جڏهن ته انويسگيشن شعبي ۾ اسپيشل برانچ کي به فنڊز ڏنا ويا، جنهن جو اهو ڪم ئي نه آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*