وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ پوليس ۾ واڌو ڀرتين ۽ جاچ پوليس جي فنڊز ۾ گهوٻين جو نوٽيس

qaim-ali-shah

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ پوليس ۾ واڌو ڀرتين ۽ جاچ پوليس جي فنڊز ۾ گهوٻين جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، قائم علي شاهه چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن کان جاچ ڪرائي ذميوارن کي وائکو ڪري سزا تجويز ڪئي وڃي.

سي ايم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير قائم علي شاهه پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين جو نوٽيس ورتو آهي.

وڏي وزير چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ کي معاملي جي اينٽي ڪرپشن کان جاچ ڪرائي ٻن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين جي انڪوائري سان گڏوگڏ ذميوارن کي به وائکو ڪري سندن خلاف سزا تجويز ڪئي وڃي.

وڏي وزير چيو ته جاچ ڪري ٻڌايو وڃي ته پوليس ۾ 9 هزار اهلڪار ڀرتي ڪرڻ لاءِ هر ضلعي اندر ڪميٽيون بڻايون ويون، تنهن باوجود وڌيڪ اهلڪار ڪيئن ڀرتي ٿيا ۽ ڪنهن جي غلطي آهي.

وڏي وزير چيو ته جاچ پوليس جي فنڊز جي منصفاڻي ورڇ ۽ ڪرپشن جي به جاچ ڪئي وڃي ۽ ڏوهن ۾ ملوث اهلڪارن خلاف قانون موجب سخت قدم کنيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*