سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار عدالت کي ميئر جي چونڊ بابت جلد فيصلو ڪرڻ جي استدعا ڪئي

khuwaja-azhar

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار عدالت کي ميئر جي چونڊ  بابت جلد فيصلو ڪرڻ  جي استدعا ڪندي چيو آهي ته بدنيتي سبب ميئر کي اختيار نه پيا ڏنا وڃن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار چيو ته ايم ڪيو ايم 1987 کانپوءِ ٻيهر ٻهارو ڏئي رهي آهي ۽ هوا جو رخ ڪنهن به وقت تبديل ٿي سگهي ٿو.

خواجه اظهار وڏي وزير کان بي بنياد ايف آءِ آرز جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو  ته وڏو وزير  ڪنهن به بدگماني ۾ نه رهي ته ايم ڪيو ايم خلاف ايف آءِ آر داخل ٿي رهي آهي.

هن چيو ته بدنيتي سبب ميئر کي اختيار نه پيا ڏنا وڃن ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي جا اختيار منتقل ڪرڻ نٿي چاهي.

خواجه اظهار سپريم ڪورٽ کان  اختيارن جي منتقلي واري معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪوڙيون ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ وقت جو ذيان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*