جيڪب آباد ۾ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي پاران جاڳرتا ريلي

jecobabad

جيڪب آباد ۾ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي پاران جاڳرتا ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو، سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌ واسين ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ هر ضلعي اندر آدمشماري مهم هلائي ويندي ته جيئن اهَي پاڻ ڳڻائي پنهنجا حق وٺي سگهن.

آدم شماري مانيٽرنگ ڪاميٽي جي ڪنوينر ۽ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل ريلي مختلف رستن تان ٿيندي حبيب چوڪ تي پهتي، جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي.

ان موقعي تي سيد جلال محمود شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن، صوبي جي هر ضلعي اندر آدمشماري مهم هلائي آهي ته جيئن ماڻهو بيدار ٿين.

هن چيو ته آدمشماري ۾ ذميواري سان پاڻ ۽ پنهنجي گهرڀاتين جي ڳڻپ ڪرائي وڃي، ڪنهن به ٻولي سان وابسطا رهندڙ سڀ سنڌي ڀائر آهن.

سيد جلال محمود شاهه چيو ته فارم جي ٻولي واري خاني ۾ سنڌي لکرايو وڃي ته جيئن وسيلن جي ورهاست وقت پنهنجا حق ڇني وٺجن.

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته وفاق آدمشماري ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿو، آئين ۽ قانون موجب هر ملڪ 10 سالن کانپوءِ آدمشماري ڪرائڻ جو پابند آهي ته جيئن وسيلن ۽ فنڊز جي برابري جي بنياد تي ورهاست ٿي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*