پشاور جَي رنگ روڊ واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل کي شهيد ڪري ڇڏيو

Peshawar-map-6-7-15

پشاور جَي رنگ روڊ واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس موجب، رنگ روڊ تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ليفٽيننٽ ڪرنل جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني.

گوليون لڳڻ سبب پاڪ فوج جو ليفٽيننٽ ڪرنل طارق غفور  سخت زخمي ٿي پيو،جنهن کي حيات آباد ڪامپليڪس نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ سڪيورٽي ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته في الحال ڪجهه به ٻڌائڻ وقت کان اڳ هوندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*