ٽائپنگ جي غلطي سبب بنگلاديش سينٽرل بينڪ ۽ نيويارڪ فيڊرل ريزروَ مان هڪ ارب ڊالر جي چوري جي ڪوشش ناڪام بڻجي وئي

bangladish-bank

ٽائپنگ جي غلطي سبب بنگلاديش سينٽرل بينڪ ۽ نيويارڪ فيڊرل ريزروَ مان هڪ ارب ڊالر جي چوري جي ڪوشش ناڪام بڻجي وئي، پر پوءِ به اڻڄاتل هيڪر  80 ملين ڊالر چورائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جيڪا تاريخ ۾ بينڪ جي سڀ کان وڏي چوري قرار ڏني  پئي وڃي.

رپورٽ موجب هيڪرن بنگلاديش بينڪ نظام کي هيڪ ڪري رقم جي منتقلي واري معلومات چوري ڪري ورتي، جنهن بعد انهن فيڊرل ريزروَ بينڪ آف نيويارڪ تي حملو ڪيو ۽ بنگلاديش بينڪ اڪائنٽ مان فلپائن ۽ سريلنڪا ڏانهن رقمون منتقل ڪرڻ جون درخواستون ڪيون.

بنگلاديشي بينڪ عملدارن موجب هيڪرن پاران 81 ملين ڊالرز منتقل ڪرڻ واريون 4 درخواستون قبول ٿي ويون، جنهن ذريعي فلپائن ڏانهن رقم منتقل ڪئي وئي، پر سريلنڪا ۾ منقتل ڪرڻ لاءِ 20 ملين ڊالرز جي پنجين درخواست تي عمل نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته هيڪرز اين جي او جو نالو غلط ٽائپ ڪري ڇڏيو هو.

هيڪرز پاران فائونڊيشن کي فانڊيشن لکيو ته ڊوئچي بينڪ تصديق لاءِ بنگلاديش سنيٽرل بينڪ سان رابطو ڪيو، جنهن ٽرانسزيڪشن روڪرائي ڇڏي.

هيڪرن پاران 870 ملين ڊالرز منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر سندن ئي غلطي جي ڪري کين ناڪامي ٿي، بنگلاديش، امريڪا توڙي فلپائن ۽ سريلنڪا پاران تاريخ جي هن وڏي بينڪ چوري جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*