دادو ۾ گونگن، ٻوڙن ۽ معذورن سرڪاري ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

dadu-map

دادو ۾ گونگن، ٻوڙن ۽ معذورن سرڪاري ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

معذورن علي اصغر، امتياز جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته سنڌ ۾ معذورن لاءِ سرڪاري ڪوٽا مقرر ڪيل  آهي، پر بااثر ماڻهن اهي نوڪريون پنهنجي من پسند ماڻهن کي ڏياري ڇڏيون آهن.

هنن چيو ته پنجاب توڙي ٻين صوبن ۾ معذورن کي سرڪاري ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وينديون آهن، پر سنڌ جا معذور پنهنجي جائز حقن کان محروم آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته معذورن کي سرڪاري ڪوٽا تحت نوڪريون ڏئي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*