حياتي کي خطرو آهي ۽ جيڪڏهن کيس نقصان پهتو ته ان جو ذميوار شهادت اعواڻ هوندو:اسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل منتظر مهدي

Supremecourtkarachi

پوليس کانپوءِ سنڌ جي پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ جي اعليٰ عملدارن ۾ اختلاف سامهون آيا آهن، اسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل منتظر مهدي پراسيڪيوٽر جنرل شهادت اعواڻ تي غيرقانوني ۽ غير ضروري دٻاءُ وجهڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته پراسيڪيوٽر جنرل سڌين ڀرتين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل پٽيشن واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي.

اسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل منتظر مهدي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سندس حياتي کي خطرو آهي ۽ جيڪڏهن کيس نقصان پهتو ته ان جو ذميوار شهادت اعواڻ هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*