سنڌ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي جاڳرتا ريلي شڪارپور کان خانپور پهچي وئي

jagrta-rali

سنڌ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي جاڳرتا ريلي شڪارپور کان خانپور پهچي وئي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي آبادي 6 ڪروڙن کان به وڌيڪ آهي، پر وفاق پاران صرف 3 ڪروڙ آبادي وارو  حصو ملي رهيو آهي، جيڪا سنڌ واسين سان ناانصافي آهي.

آدمشماري بابت جاڳرتا ريلي سيد جلال محمود شاهه، نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ خانپور پهتي، ته عوام پاران شاندار استقبال ڪيو ويو.

سيد جلال محمود شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي آبادي 6 ڪروڙن کان به وڌيڪ آهي، پر وفاق پاران صرف 3 ڪروڙ آبادي وارو  حصو ملي رهيو آهي، جيڪا سنڌ واسين سان ناانصافي آهي.

هن چيو ته سنڌ سرڪار آدمشماري ڪرائڻ لاءِ سنجيده نظر نٿي اچي، سنڌ حڪومت وفاق آڏو آدمشماري بابت درست نموني موقف پيش نه ڪري سگهي آهي.

اڳواڻن چيو ته آدمشماري سنڌ واسين لاءِ زندگي  ۽ موت جو مسئلو آهي، جنهن ڪري وفاق کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي جلد کان جلد آدمشماري ڪرائڻ گهرجي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*