آصف زرداري جي “اينٽ سي اينٽ بجاني” واري بيان جي ڪڏهن به حمايت نه ڪئي :چوڌري نثار

chudhry nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار هڪ ٽي وي پروگرام سندس صحيح واري چٽ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هن اي پي سي ۾ آصف زرداري جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي هئي، هـُن آصف زرداري جي “اينٽ سي اينٽ بجاني” واري بيان جي ڪڏهن به حمايت نه ڪئي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته آصف علي زرداري جي فوج مخالف ڏنل بيان جي هـُن سڀ کان پهرين مخالفت ڪئي هئي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ آصف زرداري کي لکيل جيڪا چٽ ڏيکاري وئي، اها سندس لکيل آهي پر آصف زرداري جي فوج مخالف بيان جي حمايت ۾ نه پر آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سندس ڪردار جي واکاڻ طور لکي وئي هئي.

هن چيو ته فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف ملٽري ڪورٽس جي قيام واري ترميم جي مخالفت ڪري رهيون هيون، ان معاملي تي ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ لاءِ آصف علي زرداري اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

واضح رهي ته هڪ نجي ٽي وي چينل جي اينڪر پرسن پنهنجي پروگرام ۾ وفاقي گهرو وزير جي آفيشل پيڊ تي لکيل هڪ چٽ ڏيکاري هئي، جنهن ۾ لکيو ويو هو ته اوهان جو موقف ساراهه جوڳو آهي ۽ آئون پاڻ ان خيال جو آهيان، آخر ۾ “ نثار” لکيل هو ۽ صحيح به ٿيل هئي.

ٽي وي اينڪر اها دعويٰ ڪئي هئي ته اها چٽ آصف علي زرداري کي فوج مخالف بيان جي حمايت ۾ هڪ وزير لکي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*