ٺٽي ويجهو دول درياهه خال پل تان هيوي ٽريفڪ جو گذر بند ڪرڻ خلاف ڊرائيورن سوين گاڏيون بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪيو

Thatta24-8

ٺٽي ويجهو دول درياهه خال پل تان هيوي ٽريفڪ جو گذر بند ڪرڻ خلاف ڊرائيورن سوين گاڏيون بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.

ضلعي انتظاميه پاران دول درياهه پل کي زبون حال ڄاڻائي هيوي ٽريفڪ بند ڪرڻ خلاف ٽرڪ ڊرائيورن گاڏيون بيهاري احتجاج ڪيو، جنهن سبب ڪراچي کان سجاول ۽ بدين ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون.

مظاهرين چيو ته ضلعي انتظاميه پل جي مرمت ڪرائڻ بدران اتان هيوي ٽريفڪ جو گذر بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب کين سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.

هنن چيو ته روڊ بند ڪرڻ سبب ڪراچي ۽ سجاول کان بدين ويندڙ ٽرانسپورٽرز متبادل روٽ اختيار ڪري رهيا آهن، جنهن سان سندن وقت ضايع ٿي رهيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته دول درياهه خان پل جي جلد کان جلد مرمتي ڪرائي روڊ هيوي ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*