وفاقي حڪومت آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي کي عهدي تان هٽائي سندس جاءِ تي اي ڊي خواجه کي نئون آءِ جي مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

notification-IG

وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار جي مشاورت بعد تي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي کي عهدي تان هٽائي سندس جاءِ تي سينيئر پوليس آفيسر اي ڊي خواجه کي نئون آءِ جي مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ لاءِ وزيراعظم نواز شريف کي اي ڊي خواجه ۽ نثار مهر سميت 3 سينيئر پوليس آفيسرز جا نالا موڪليا هئا ۽ غلام حيدر جمالي کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي هئي.

وزيراعظم نواز شريف، سنڌ حڪومت جي سفارش تي الله ڏنو عرف اي ڊي خواجه کي سنڌ پوليس جو نئون سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

اي ڊي خواجه ذميواريون ملڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو سنڌ پوليس جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو رهندو.

الله ڏنو عرف اي ڊي خواجه جو تعلق ٽنڊو محمد خان سان آهي ۽ اهو سنڌ جي 6 کان 7 ضلعن ۾ ايس ايس پي به رهي چڪو آهي، سندس بهترين رڪارڊ ۽ تجربي جي بيناد تي کيس آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.

20 هين گريڊ جو آفيسر اي ڊي خواجه سنڌ پوليس جي اسپيشل برانچ شعبي ۾ ايڊيشنل آءِ جي طور ذميواريون نڀائي رهيو هو.

واضح رهي ته غلام حيدر جمالي خلاف ڪرپشن، ضابطه خلاف مقرريون ۽ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي سميت سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيا آهن، جڏهن ته توهين عدالت واري ڪيس ۾ غلام حيدر جمالي مٿان فرد جرم به لاڳو ٿي چڪو آهي.

سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن سنڌ پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ خلاف نيب کي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽  عدالت پنهنجي آبزرويشن ۾ چيو هو ته جاچ دوران آءِ جي ۽ ٻين جو عهدن تي رهڻ مناسب نه آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*