مصطفيٰ ڪمال ڪراچي ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي رهيو آهي، سندس دعا آهي ته ميچ جو مزو خراب نه ٿئي:عابد شير علي

abid-shar-ali

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال ڪراچي ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي رهيو آهي، سندس دعا آهي ته ميچ جو مزو خراب نه ٿئي، پنجاب ۾ نيب جي ڪارروائين تي ڪنهن به رڙيون ناهن ڪيون، هــُو هر وڪيٽ تي کيڏڻ لاءِ تيار آهن. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد مسلم ليگ ن ڪڏهن به احتساب جي مخالفت ناهي ڪئي، وزيراعظم نواز شريف رڳو نيب کي اهو چيو هو ته بنا ثبوتن جي ڪنهن جا به پٽڪا نه لاٿا وڃن. هـُن چيو ته ماضي ۾ ڪنهن جو به شفاف نموني سان احتساب نه ٿيو، پرويز مشرف جي دور ۾ انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون. عابد شير علي چيو ته سورنهن-سورنهن ماڻهن کي گڏ گهرائي ذليل ڪيو پيو وڃي، بنا ڪنهن ثبوت جي ڪنهن تي به هٿ نه وجهڻ گهرجي. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته نيب جي پنجاب ۾ ڪاررواين تي ڪير به رڙيون نٿو ڪري ۽ نه ئي ڪنهن جي پـُڇ تي لت رکي وئي آهي، هـُو هر پيچ تي کيڏڻ لاءِ تيار  آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ عابد شير علي چيو ته مصطفيٰ ڪمال ڪراچي ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي رهيو آهي، دعا ڪريان پيو ته ميچ دوران برسات نه پوي ۽ مزو خراب نه ٿئي. بجلي لوڊشيڊنگ بابت سوال جي جواب ۾ عابد شير علي دعويٰ ڪئي ته بجلي بحران تي گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي……………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*