اقتصادي راهداري منصوبو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان مضبوط معاشي طاقت بڻجي اڀرندو:خواجه آصف

khuwaja asif

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ امن فوج جي ڪري قائم ٿيو آهي، اقتصادي راهداري منصوبو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان مضبوط معاشي طاقت بڻجي اڀرندو.

سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اسان ڊگهي عرصي تائين پرڏيهي طاقتن جي اثر هيٺ رهيا.

هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ايندڙ ٻن سالن اندر بجلي بحران مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته آپريشن ضرب عضب کانپوءِ ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي، ان جو ڪريڊٽ پاڪ فوج ڏانهن وڃي ٿو.

خواجه آصف وڌيڪ چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، منصوبي بعد پاڪستان مضبوط معاشي طاقت بڻجي اڀرندو……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*