آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي پهرين پوسٽنگ ٽنڊي باگي ۾ ايس پي طور ٿي

A-D-khuwaja

نئون مقرر ٿيل آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ٽنڊي محمد خان ۾ زميندار عزيز خواجه جي گهر ۾ جنم ورتو ، والد جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس پي جي دوست دريانو مل سندس پرورش ۽ تربيت ڪئي.

اي ڊي خواجه 24 اپريل 1965 تي پيدا ٿيو ۽ پرائمري تعليم ٽنڊي محمدخان جي مين پرائمري اسڪول ۽ انٽر ميڊئيٽ جو امتحان ڪيڊٽ ڪاليج ڄامشورومان پاس ڪيو .

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه سنڌ يونيورسٽي مان  بي اي ڪئي ۽ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ايس پي ۽ ايس ايس پي طور ذميواريون نڀايون.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي پهرين پوسٽنگ ٽنڊي باگي ۾ ايس پي طور ٿي، سندس 2 ڀائر ڪراچي ۾ مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر آهن.

اي ڊي خواجه، ڪراچي، حيدر آباد، شڪارپور، دادو ۽ ٻين ضلعن ۾ زميواريون نڀائي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*