سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ لاءِ وزيراعظم نواز شريف کي اي ڊي خواجه ۽ نثار مهر سميت 3 سينيئر پوليس آفيسرز جا نالا موڪليا هئا

qaim-ali-shah

وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار جي مشاورت بعد تي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي کي عهدي تان هٽائي سندس جاءِ تي سينيئر پوليس آفيسر اي ڊي خواجه کي نئون آءِ جي مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وڏي وزير سان اي ڊي خواجه ملاقات  ڪئي آهي.

سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ لاءِ وزيراعظم نواز شريف کي اي ڊي خواجه ۽ نثار مهر سميت 3 سينيئر پوليس آفيسرز جا نالا موڪليا هئا ۽ غلام حيدر جمالي کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي هئي.

وزيراعظم نواز شريف، سنڌ حڪومت جي سفارش تي اي ڊي خواجه کي سنڌ پوليس جو نئون سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

اي ڊي خواجه جو تعلق ٽنڊو محمد خان شهر سان آهي ۽ اهو سنڌ جي 6 کان 7 ضلعن ۾ ايس ايس پي به رهي چڪو آهي، سندس بهترين رڪارڊ ۽ تجربي جي بيناد تي کيس آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.

20 هين گريڊ جو آفيسر اي ڊي خواجه سنڌ پوليس جي اسپيشل برانچ شعبي ۾ ايڊيشنل آءِ جي طور ذميواريون نڀائي رهيو هو.

اي ڊي خواجه سي ايس ايس پاس ڪرڻ کانپوءِ فارين سروسز گروپ ۾ مقرر ٿيو، سنڌ پوليس جا 2 آفيسر غلام قادر ٿيٻو ۽ نثار مهر کائنس سينيئر آهن.

واضح رهي ته غلام حيدر جمالي خلاف ڪرپشن، ضابطه خلاف مقرريون ۽ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي سميت سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيا آهن، جڏهن ته توهين عدالت واري ڪيس ۾ غلام حيدر جمالي مٿان فرد جرم به لاڳو ٿي چڪو آهي.

سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن سنڌ پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ خلاف نيب کي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽  عدالت پنهنجي آبزرويشن ۾ چيو هو ته جاچ دوران آءِ جي ۽ ٻين جو عهدن تي رهڻ مناسب نه آهي.

وڏي وزير سيد قائم شاهه سان نئين آءِ جي اي ڊي خواجه ملاقات ڪري صوبي ۾ امن امان جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن.

وڏي وزير چيو ته اي ڊي خواجه سٺي ساک رکندڙ آفيسر آهي ۽ اميد آهي ته هو سنڌ ۾ ٿاڻي ڪلچر جي بهتري لاءِ قدم کڻندو.

ملاقات دوران وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي ڪراچي سميت سموري صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*