آزادي ملڻ بعدنه ئي ڪنهن هوٽل ۾ ماني کاڌي ۽ نه ئي ساڍا 3 سئو رپين جو بل ادا ڪيو:شهباز تاثير

shahbaz-taseer

ڪجهه ڏينهن اڳ بازياب ٿيل پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي پٽ شهباز تاثير آزادي ملڻ بعد هوٽل تي ماني کائڻ واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پيغام ۾ شهباز تاثير چيو ته آزادي ملڻ بعد هـُن نه ئي ڪنهن هوٽل ۾ ماني کاڌي ۽ نه ئي ساڍا 3 سئو رپين جو بل ادا ڪيو.

شهباز تاثير چيو ته ماني کائڻ جي حوالي سان ميڊيا تي آيل خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي، هـُو اهڙي خبرن کي سختيءَ سان رد ڪري ٿو.

واضح رهي ته شهباز تاثير کي ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان جي ڪچلاڪ واري علائقي مان بازياب ڪرايو ويو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*