چارسده جي علائقي شبقدر ڌماڪي جو وڌيڪ هڪ زخمي پشاور جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي،شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 19 ٿي ويو

charsada-damaka

چارسده جي علائقي شبقدر ڌماڪي جو وڌيڪ هڪ زخمي پشاور جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي، جنهن بعد ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 19 ٿي ويو آهي.

ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان موجب، شبقدر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل فضل صمد اڄ صبح زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ کانپوءِ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 19 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي زخمي اڃا تائين چارسده جي ڊي ايڇ ڪيو ۽ ليڊي ريدنگ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.

واضح رهي ته هڪ هفتو چارسده جي علائقي شبقدر ۾ سيشن ڪورٽ جي احاطي ۾ آپگهاتي بم ڌماڪو ٿيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا موقعي تي مارجي ويا هئا.

ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل عورت ڪجهه ڏينهن اڳ دم ڌڻي حوالي ڪيو هو، جڏهن ته اڄ وڌيڪ هڪ زخمي جي فوت ٿيڻ بعد شهيدن جو انگ وڌي 17 ٿي ويو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*