علائقي جي بااثر شخص سندس 50 ايڪڙ ۽ فش فارم زمين تي قبضو ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي:لاڙڪاڻي واسي

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ڪيهر جي رهواسي پي آءِ اي ملازم دانهيندي چيو آهي ته علائقي جي بااثر شخص سندس 50 ايڪڙ ۽ فش فارم زمين تي قبضو ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي آءِ اي ملازم اسرار علي ڪيهر چيو ته هڪ سياسي شخصيت جي ناٺِي سندس زمين تي قبضو ڪيو آهي.

هن کاتي جا ڪاغذ پٽ ڏيکاريندي چيو ته 50 ايڪڙ زمين سندس خاندان جي آهي پر پوليس بااثر شخص کان قبضو ڇڏائي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

اسرار علي ڪيهر مطالبو ڪيو ته سندس زمين تان قبضو ڇڏائي بااثر شخص خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*