عورتن جي تحفظ واري بل ۾ ترميم ڪئي ويندي، حڪومت نيب ۾ سڌارا آڻڻ چاهي ٿي:راڻا ثناءُ الله

rana-snaullah01-9

+ پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عورتن جي تحفظ واري بل ۾ ترميم ڪئي ويندي، حڪومت نيب ۾ سڌارا آڻڻ چاهي ٿي پر ان لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي.

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب اسيمبلي مان منظور ڪيل عورتن جي تحفظ واري بل تي ڪجهه ڌرين خدشا ظاهر ڪيا آهن، تنهن ڪري ان ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

هـُن چيو ته بل ۾ ترميم ڪري جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي قيد ڪڙي مان ڇوٽ ڏني ويندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته نيب پنجاب ۾ متحرڪ آهي پر بنا ثبوت جي ڪنهن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي.

پنجاب جي قانون واري وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت نيب جي قانون ۾ ترميم يا  تبديلي چاهي ٿي، جنهن لاءِ سڀني سان مشاورت ڪئي ويندي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب ۾ ننڍي چونڊ شفاف نموني سان ٿيندي، عمران خان جي عادت آهي ته اهو پي ٽي آءِ جي ڪاميابي تي جشن ملهائيندو آهي ۽ شڪست تي ڌانڌلي جو گوڙ ڪندو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*