حڪومت نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جي قانون ۾ صدارتي آرڊيننس ذريعي اهم تبديليون ڪري ڇڏيون

national-notification

حڪومت نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جي قانون ۾ صدارتي آرڊيننس ذريعي اهم تبديليون ڪري ڇڏيون آهن، آرڊيننس تحت وزيراعظم ۽ ڪابينا جا ميمبر هاڻي نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي کي فنڊ جاري ڪري سگهندا.

حڪومت پاران صدارتي آرڊيننس جي ذريعي نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جي قانون ۾ صدارتي آرڊيننس جي ذريعي اهم تبديليون ڪري ڇڏيون آهن، آرڊيننس جي ڪاپي ڪي ٽي اين نيوز کي ملي وئي  آهي.

ترميم تحت نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جي فنڊنگ جي ذميواري وفاقي حڪومت حوالي ڪئي وئي آهي، جيڪا اڳ ناڻي واري وزارت وٽ هئي.

آرڊيننس موجب،وزيراعظم نواز شريف ۽ ڪابينا جا ميمبر هاڻي نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي کي فنڊ جاري ڪري سگهندا.

ذريعن موجب، نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جي فنڊنگ واري طريقيڪار ۾ تبديلي ناڻي واري وزارت جي مونجهارن کان بچڻ لاءِ ڪئي وئي آهي.

آرڊيننس بعد نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي کي ملازمن جي ڀرتين، برطرفي ۽ بدلين بابت مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي منظوري تائين ڪمانڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ملازمن جي رولز جي حيثيت بابت به اهم تبديليون ڪيون ويون آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*