لاڙڪاڻي جي چانڊڪا چلڊرين اسپتال ۾ ڪوئن جي حملي ۾ ٻن ٻارڙين جي زخمي ٿيڻ جي 24 ڪلاڪن بعد انتظاميا ڪـُوئــَن جا ٻـــِرَ بند ڪري ڇڏيا

larkana-chandka

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا چلڊرين اسپتال ۾ ڪوئن جي حملي ۾ ٻن ٻارڙين جي زخمي ٿيڻ جي 24 ڪلاڪن بعد انتظاميا ڪـُوئــَن جا ٻـــِرَ بند ڪري ڇڏيا، وارڊس جي ٻاهران ۽ گهٽين  ۾ پيل گند هٽائڻ جو ڪم به شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هٽايل ايم ايس منير جوکيو جي چارج ڇڏڻ بدران اسپتال جو دورو ڪرڻ تي سيڪريٽري هيلٿ پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي جي چانڊڪا چلڊرين اسپتال ۾ ڪوئن چڪ هڻي ٻن ٻارڙين کي رتو رت ڪري ڇڏيو هو، جنهن جون خبرون ڪي ٽي اين تان هلڻ جو سيڪريٽري صحت نوٽيس وٺندي ايم ايس کي معطل ڪيو.

چانڊڪا چلڊرين اسپتال انتظاميا 24 ڪلاڪن کانپوءِ حرڪت ۾ آئي، جنهن ڪوئن جا ٻِـــــرَ بند ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته اسپتال ٻاهران پيل گندگي جا ڍير هٽائڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

سيڪريٽري هيلٿ سعيد مڱڻيجي ڪوئن جي حملي ۾ ٻارڙن جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ 2 رڪني جاچ ٽيم جوڙي ورتي آهي، جيڪا اڄ ڪراچي کان لاڙڪاڻي پهچي اسپتال جو معائنو ڪندي.

چانڊڪا چلڊرين اسپتال جي هٽايل ايم ايس منير جوکئي جارچ ڇڏڻ بدران اسپتال جو دورو ڪيو.

سيڪريٽري هيلٿ هٽايل ايم ايس منير جوکئي جي اسپتال جو دورو ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته کيس گذريل ڏينهن جاچ ڇڏڻ جو زباني حڪم ڏنو هو.

سعيد مڱڻيجي چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس منير جوکئي کي باقاعده هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال سميت سنڌ جي اڪثر سرڪاري اسپتالن جو برو حال آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*