سڄي ملڪ ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ واري مهم جاري

polio01-9

سڄي ملڪ ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ واري مهم جاري آهي، جنهن لاءِ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، وڏي وزير پوليو ٽيمن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنجاب جي 36 ضلعن ۾ پوليو کان بچاءَ واري ٽن ڏينهن واري مهم جاري آهي، جنهن دوران هڪ ڪروڙ 80 لک ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئاريا ويندا.

 پنجاب ۾ صحت کاتي پاران 49 هزار ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته سڪيورٽي جا انتظام پڻ انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

بلوچستان ۾ به 22 لک ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ لاءِ 6 هزار ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 55 لک ٻارڙن کي ويڪسين پيئاريون وينديون.

خيبرپختونخواهه ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ واريون ويڪسين پيئارڻ لاءِ 14 هزار 3 سئو 89 ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته فاٽا ۾ 3 هزار 6 سئون 98 ٽيمون قائم ڪيون ويون آهن.

پوليو کان بچاءَ واري مهم دوران سڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم شروع ڪئي وئي آهي، ڪراچي جي ڪمشنر آصف حيدر شاهه ڪراچي ۾ پوليو مهم جو افتتاح ڪيو ، شهر ۾ 22لک ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پياريا ويندا.

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه واسطيدار عملدارن کي پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*