ايم ڪيو ايم يا ان جي سربراهه تي ڀارتي ڳجهي اداري “ را” کان فنڊ وٺڻ جا الزام ناهن لڳايا:سرفراز مرچنٽ

sarfraz-mirchant

لنڊن جي واپاري سرفراز مرچنٽ، متحده جي قيادت مٿان “ را” کان فنڊنگ ۽ مني لانڊرنگ وارن الزامن تي ايف آءِ اي آڏو بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار معاملي جو نوٽيس وٺندي ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته سرفراز مرچنٽ جا خدشا ختم ڪيا وڃن.

سرفراز مرچنٽ، پنهنجي  وڪيلن سان مشاورت ڪرڻ بعد ايف آءِ اي جي سمن جو جواب ڏيندي 15 مارچ تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

سرفراز مرچنٽ پنهنجو بيان تبديل ڪندي چيو آهي ته هن ايم ڪيو ايم يا ان جي سربراهه تي ڀارتي ڳجهي اداري “ را” کان فنڊ وٺڻ جا الزام ناهن لڳايا.

سرفراز مرچنٽ جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي کيس جاري ڪيل سمن ۾ ترميم ڪري ۽ پنهنجي جاچ جي سمورن رخن کي بهتر ڪري.

سرفراز مرچنٽ وڌيڪ چيو ته جيستائين ايف آءِ اي پنهنجو رڪارڊ درست نه ڪندي، تيستائين هو بيان رڪارڊ نه ڪرائيندو.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، سرفراز مرچنٽ جي بيان جو نوٽيس وٺندي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر کي سرفراز مرچنٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته سرفراز مرچنٽ ڪيس جو اهم شاهد آهي، سندس عزت ۽ احترام برقرار رکيو وڃي.

واضح رهي ته سرفراز مرچنٽ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ متحده ۽ ان جي سربراهه تي ڀارتي ڳجهي اداري “را ” جي فنڊنگ جو الزام لڳايو هو، جنهن بعد ايف آءِ اي جي عملدارن کيس 15 مارچ تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو چيو هو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*