ڪريڪر حملن پٺيان سياسي مقصد ٿي سگهن ٿا، انهن کي دهشتگردي سان نه جوڙيو وڃي:اي آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر

IG-MUshtaq-mahr

اي آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر چيو اهي ته رينجرز جي مدد سان شهر ۾ ڏوهن جي شرح ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي آندي آهي، ڪريڪر حملن پٺيان سياسي مقصد ٿي سگهن ٿا، انهن کي دهشتگردي سان نه جوڙيو وڃي.

ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز جي عهديدارن سان گڏجاڻي بعد عهديدارن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اي آءِ جي مشتاق مهر چيو ته اڳ ۾ قتل ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي واقعن جي ڳالهه ٿيندي هئي ۽ هاڻ ان جي جا ءِ تي اسٽريٽ ڪرائيمز جي ڳالهه هلي رهي آهي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ اها به ختم ٿي ويندي.

اي آءِ جي مشتاق مهر چيو ته هو ٽيڪنالاجي طرف وڃي رهيا آهن، ٽريفڪ جام دوران ڦرلٽ جا واقعا ٿين ٿا.

اي آءِ جي مشتاق مهر صنعتڪارن کان شهري مسئلن ۾ حل لاءِ سهڪار جي اپيل ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز تي ڪريڪر حملن پٺيان سياسي مقصد ٿي سگهن ٿا انهن کي دهشتگردي سان نه ڳنڍيو وڃي، ان کان اڳ سي پي ايل سيف زبير حبيب ڪاٽي جي صدر زاهد سعيد ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*