ايم ڪيو ايم درياءَ آهي، رضا هارون، مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي وڃڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو: ڪنوينر فاروق ستار

dr-farooq-satar

ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر فاروق ستار  چيو آهي ته ايم ڪيو ايم درياءَ آهي، رضا هارون، مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي وڃڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو.

ڪراچي جي رنڇوڙ لائين ۾ صفائي مهم دوران  ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ جاري ڪيل بيان ۾ فاروق ستار چيو ته هنن ڪراچي ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪئي ۽ ايندڙ وقت ۾ پاڻي جي معاملي تي رتو ڇاڻ جو خدشو آهي.

رضا هارون جي وفاداري مٽائڻ واري افواهن تي تبصري کان انڪار ڪندي فاروق ستار چيو  ته الله سڀني کي هدايت ڏيندو.

هن چيو ته صفائي مهم دوران روزانو 10کان 15 يوسيز ۾ صفائي ڪئي پئي وڃي پر سنڌ سرڪار  ان معاملي تي ڪوبه سهڪار نه ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*