آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي چارج سنڀالڻ دوران پوليس پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو وي

IG-sindh-gard-of-onar

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي چارج سنڀالڻ دوران پوليس پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو آهي، اي ڊي خواجا چيو آهي ته صوبي ۾ امن امان جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو دٻاءُ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ نه وري پوليس ۾ ڪرپشن ۽ بدعنوانين کي قبول نه ڪيو ويندو.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چارج سنڀالڻ لاءِ سي پي او پهتو ته پوليس جي خصوصي دستي پاران کيس گارڊ آف آنر ۽ سلامي پيش ڪئي وئي، جنهن دوران هن سي پي او ۾ مقرر عملدارن سان تعارفي گڏجاڻي به ڪئي.

سي پي او ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته هو پوليس جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو ۽ پوليس ۾ ڪرپشن ۽ بدعنوانين کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

آءِ جي سنڌ چيو ته ڪرپشن ۽ ڏوهن ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

اي ڊي خواجه چيو ته صوبي ۾ امن امان جي حوالي سان ڪو به دٻاءُ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ پوليس آفيسر ڪنهن به دٻاءُ ۾  اچڻ بدران رڳو ڏوهن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*