ڪراچي جي طارق روڊ تان هٿياربند 24 ڪلو گرام سون ڦر ڪري ويا

Tariq-Road-14-3

ڪراچي جي طارق روڊ تان هٿياربند 24 ڪلو گرام سون ڦر ڪري ويا آهن، ايس ايس پي جمشيد جو چوڻ آهي ته سون جي ماليت 10ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي.

طارق روڊ واري علائقي ۾ هٿياربند سوناري ۽ سندس ملازمن کي يرغمال بڻائڻ بعد 24 ڪلو سون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

واقعي جي اطلاع تي مختلف ٿاڻن جي پوليس پهتي پر اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي جمشيد  جو چوڻ آهي ته سون جي ماليت 10ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*