سنڌ ۾ 11 هزار 200 کان وڌيڪ جنرل ڪيڊر جا ڊاڪٽر 15 سالن کان پروموشن کان محروم

سنڌ ۾ 11 هزار 200 کان وڌيڪ جنرل ڪيڊر جا ڊاڪٽر 15 سالن کان پروموشن کان محروم آهن، جنهن ڪري سندن بيچيني وڌي وئي آهي.

سنڌ ۾ جنرل ڪيڊر جا 11 هزار 200 کان وڌيڪ ڊاڪٽر پروموشن کان محروم آهن، پرومشن نه ٿيڻ سبب ڊاڪٽرز ۾ بيچيني پکڙيل آهي.

پروموشن لاءِ ڊاڪٽرن هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي صحت کاتي سنڌ عدالت ۾ لکت ۾ خاطري ڪرائي ته ڊاڪٽرز کي پروموشن ڏنو ويندو، پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي.

صحت کاتي پاران ڪرايل خاطري تي عمل نه ٿيڻ بعد ڊاڪٽرز سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ سرڪار خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي، جنهن تي سنڌ سرڪار اسٽي وٺي ڇڏيو آهي.

ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته پروموشن نه ملڻ سبب هو 15 سالن کان ساڳين گريڊز ۾ موجود آهن، جڏهن ته انهن کانپوءِ ڀرتي ٿيندڙ 20 هين کان 21هين گريڊز تائين پهچي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*