نيب سنڌ جي معدني وسيلن واري کاتي پاران کاڻين مان ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ ڪم کان اڳ ٺيڪيدار کي ڏيڍ ارب رپين جا فنڊز جاري ڪرڻ واري معاملي جي جاچ شروع

nab-logo-08

نيب سنڌ جي معدني وسيلن واري کاتي پاران کاڻين مان ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ ڪم کان اڳ ٺيڪيدار کي ڏيڍ ارب رپين جا فنڊز جاري ڪرڻ واري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي، نيب فنڊز جاري ڪرڻ جي منظوري جي تصديق لاءِ وڏي وزير قائم علي شاهه ڏانهن ليٽر به اماڻي ڇڏيو آهي.

نيب اختيارين موجب معدني وسيلن واري کاتي پاران ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي لاءِ ڪم شروع ٿيڻ کان اڳ ٺيڪيدار کي ڏيڍ ارب رپيا جاري ڪيا ويا ۽ گرفتار ٺيڪيدار اعتراف ڪيو آهي ته هن وڏي وزير جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه جي چوڻ تي بئنڪ مان پئسا ڪڍرايا.

نيب عملدارموجب وڏي وزير جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري چيو ته هن وڏي وزير جي زباني حڪم تي ٺيڪيدار کي پئسا ڪڍرائڻ لاءِ چيو هو.

نيب عملدارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته وڏي وزير کان فندز جي منظوري جي تصديق لاءِ وڏي وزير کي ليٽر اماڻيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*