مصطفيٰ ڪمال ۽ سرفراز مرچنٽ جا الزام درست ثابت ٿيا ته قانون حرڪت ۾ ايندو:راڻا تنوير

rana-tanvir

دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير  چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال ۽ سرفراز مرچنٽ جا الزام درست ثابت ٿيا ته قانون حرڪت ۾ ايندو، وزيراعظم نيب کي ڪا به ڌمڪي ناهي ڏني،نيب کي پنجاب ۾ آمد تي ڀليڪار چئون ٿا.

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا تنوير چيو ته مصطفيٰ ڪمال ۽ سرفراز مرچنٽ پاران ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن جي جاچ ايف آءِ اي ڪري رهي آهي، جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي ان معاملي تي ڳالهائي سگهجي ٿو.

هن چيو ته جيڪڏهن سرفراز مرچنٽ ۽ مصطفيٰ ڪمال جا الزام صحيح ثابت ٿيا ته ايڪشن کنيو ويندو ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا تنوير چيو ته وزيراعظم نواز شريف نيب کي ڪا به ڌمڪي ناهي ڏني، وزيراعظم جي بيان کي سياسي رنگ ڏئي وڌائي پيش ڪيو ويو.

دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير چيو ته نيب کي پنجاب ۾ ڀليڪار چئو ٿا پر بنا ڪنهن ثبوت جي ڪنهن جي به خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم بابت سوال جي جواب ۾ راڻا تنوير چيو ته ڀارت پاران مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪرڻ واري خاطرين بعد ئي ٽيم ڪولڪتا موڪلي وئي، قومي ٽيم جي ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيون……………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*