مصطفيٰ ڪمال منهنجون تقريرون ٻڌي ڳالهائيندو آهي، جيڪي مون ماضيءَ ۾ ڳالهيون ڪيون، اهي ئي ڳالهيون پيو ڪري:مرزا

zulfqar-mirza-30-01-16

.سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال منهنجون تقريرون ٻڌي ڳالهائيندو آهي، جيڪي مون ماضيءَ ۾ ڳالهيون ڪيون، اهي ئي ڳالهيون مصطفيٰ ڪمال به ڪري رهيو آهي.

گولاڙچي جي تڪ پي ايس 59 تي پولنگ دوران ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ حسام مرزا سان گڏ مريد چانگ پولنگ اسٽيشن تي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته هاڻي ايم ڪيو ايم جو مستقبل اونداهون ۽ مصطفيٰ ڪمال جو مستقبل روشن آهي.

ذوالفقار مرزا چيو ته مصطفيٰ ڪمال منهنجون تقريرون ٻڌي ڳالهائيندو آهي،جنهن تي مونکي تمام گهڻي خوشي آهي.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وڌيڪ چيو ته جيڪي مون ماضيءَ ۾ ڳالهيون ڪيون هيون اُهي ڳالهيون مصطفيٰ ڪمال به ڪري رهيو آهي، ان مان ثابت آهي ته مون ايم ڪيو ايم لاءِ جيڪو ڪجهه چيو اُهو سمورو  آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*