سپريم ڪورٽ، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ واري درخواست تي لارجر بينچ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Pervaiz-Musharaf-24-2-16

سپريم ڪورٽ، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ واري درخواست تي لارجر بينچ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته پرويز مشرف جي ميڊيڪل رپورٽس تي راءِ نه ڏني ويندي، عدالت ڪا راءِ ڏني ته سڀاڻي هيڊلائينز بڻجي وينديون.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

مشرف جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 8 اپريل 2013 واري عبوري حڪم کانپوءِ پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو، پر تفصيلي فيصلي ۾ مشرف جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو ذڪر ئي نه هو.

چيف جسٽس سوال ڪيو ته جيڪڏهن تفصيلي فيصلي ۾ اي سي ايل جو ذڪر ئي نه آهي ته پرويز مشرف کي ٻاهر وڃڻ کان ڪنهن روڪيو آهي.

فروغ نسيم چيو ته عدالتي حڪم جو بهانو بڻائي گهرو وزارت پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هاڻي وقت گهٽ آهي انڪري ڪيس جي ٻڌڻي خميس ڏينهن ڪئي ويندي.

بئريسٽر فروغ نسيم پرويز مشرف جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندي ٻڌايو ته ڊاڪٽرن پرويز مشرف کي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي، آپريشن نه ٿيو ته سندس موئڪل کي فالج ٿي سگهي ٿو.

چيف جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏنا ته پرويز مشرف جي  ميڊيڪل رپورٽ تي تبصرو نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن تبصرو ڪيو ته سڀاڻي هيڊ لائنز بڻجي وينديون.

عدالت اٽارني جنرل جي مشاورت کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سڀاڻي درخواست تي ٻڌڻي 5 رڪني بينچ  ڪندي…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*