سنڌ هاءِ ڪورٽ متحده اڳواڻ قمر منصور جي 23 ڪيسن ۾ 23 مارچ تائين ڏهه ڏهه هزار رپين عيوض گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور

Qamar-Mansoor-MQM

سنڌ هاءِ ڪورٽ متحده اڳواڻ قمر منصور جي 23 ڪيسن ۾ 23 مارچ تائين ڏهه ڏهه هزار رپين عيوض گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ متحده اڳواڻ قمر منصور جي گرفتاري کان اڳ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سندس خلاف ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي 23 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ کيس خدشو آهي ته انهن ۾ گرفتار ڪيو ويندو.

عدالت قمر منصور جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد 23 مارچ تائين سندس ڏهه ڏهه هزار رپين عيوض گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي.

ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي قمر منصور خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير ۾ سهولتڪاري جا 23 ڪيس داخل ٿيل آهن.

اينٽي ڪرپشن ڪراچي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيس تي ڇاپو هڻي لياقت آباد ۾ غير قانوني اڏاوتن جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي.

اينٽي ڪرپشن عملدارن ڊائيريڪٽر نظر محمد بوزدار جي اڳواڻي ۾ سوڪ سينٽر تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي.

اينٽي ڪرپشن جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته لياقت آباد واري علائقي غير قانوني اڏاوتن جي شڪايتن تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*