سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي پيپلز پارٽي جي ايم اين اي مير منور ٽالپر خلاف ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم

mir-munwar-talpur

سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي پيپلز پارٽي جي ايم اين اي مير منور ٽالپر خلاف ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي نيب چيئرمين ۽ جاچ آفيسر کي 30 مارچ تي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، نيب منور ٽالپر خلاف فنڊس ۾ گهوٻين، زمينن تي قبضن ۽ الاٽمينٽ وارن الزامن جي جاچ ڪري رهي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بئنچ منور ٽالپر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

منور ٽالپر جي وڪيل فاروڇ ايڇ نائڪ دليل ڏيندي چيو ته سندس موڪل جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد  پاران ضمانت منظور ڪرڻ  باوجود نيب بنا جواز کيس تنگ ڪري رهي آهي.

فاروق ايڇ نائيڪ وڌيڪ چيو منور ٽالپر تي اهڙا الزام لڳايا ويا آهن جيڪي 1995 ۾ به لڳايا ويا هئا.

منور ٽالپر درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو آهي ته هو قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ نيب بار بار پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري کيس هيسائي رهي آهي.

عدالت وڪيلن جا دليل نيب کي پيپلز پارٽي جي ايم اين اي مير منور ٽالپر خلاف ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي نيب چيئرمين ۽ جاچ آفيسر کي 30 مارچ تي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 منور ٽالپر خلاف فنڊس ۾ گهوٻين، زمينن تي قبضن ۽ الاٽمينٽ وارن الزامن جي جاچ ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*