ملازم ادارن کي بهتر بڻائيندا ته نجڪاري جي ضرورت نه پوندي، پاڻي، بجلي ۽ گيس جا وسيلا گهٽ آهن، ان لاءِ بچت جي ضرورت آهي:خواجه آصف

khuwaja asifAdd New

پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ملازم ادارن کي بهتر بڻائيندا ته نجڪاري جي ضرورت نه پوندي، پاڻي، بجلي ۽ گيس جا وسيلا گهٽ آهن، ان لاءِ بچت جي ضرورت آهي، مارڪيٽون جلد بند ڪرڻ سان 2 هزار ميگاواٽ بجلي بچائي سگهجي ٿي.

لاهور ۾ آل پاڪستان هائيڊرو اليڪٽرڪ يونين جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته نقصان ۾ هلندڙ ادارن جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن ملازم ادارن کي درست نموني سان هلائيندا ۽ بهتر ڪم ڪندا ته نجڪاري جي ضرورت ئي نه پوندي.

خواجه آصف چيو ته حڪومت توانائي بحران جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون آهن، هن وقت 12 هزار ميگاواٽ جي بجلي منصوبن تي ڪم جاري آهي، 2018 تائين ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو ويندو.

پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت ملڪ مان لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي پر بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين کي به ڪارڪردگي به بهتر بڻائڻي پوندي.

خواجه آصف جو چوڻ هو ته پاڻي، بجلي ۽ گيس جا وسيلا گهٽ آهن، ان ڪري بچت جي ضرورت آهي، مارڪيٽون جلدي بند ڪرڻ سان 2 هزار ميگاواٽ بجلي بچائي سگهجي ٿي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*