بالي ووڊ جي اداڪارا اميشا پٽيل فلم پروڊيوسر بڻجي وئي

بالي ووڊ جي بلاڪ باسٽر فلم ڪهو نا پيار هي مان شهرت جي بلندين تي پهتل اميشا پٽيل فلم پروڊيوسربڻجي وئي ، سندس پراڊڪشن ۾ ٺهيل پهرين فلم ديسي ميجڪ جو پهريون ٽريلرجاري  ڪيو ويو آهي.

پيار ۽ مزاح جي منظرن تي ٻڌل فلم ديسي ميجڪ ۾ اداڪارا اميشا پٽيل پاڻ به  ڊبل رولڪيو آهي.

 فلم ۾ اميشا جو هڪ روپ آهي بلڪل سادي ڇوڪري وارو، سندس ٻيو روپ آهي ٽپ ٽاپ سوٽڊ بوٽڊ ڇوڪري جو جيڪا  پرڏيهه ۾رهي ٿي

اميشا پٽيل جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ فلم ۾ زيد خان ۽ ساحل شيروف ادا ڪيا آهن اهم ڪردار، فلم ديسي ميجڪ ڪجهه مهينن ۾ اچي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*