نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊو ۾ سارڪ ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي پاڪ-ڀارت پرڏيهي سيڪريٽريز وچ ۾ غير رسي ملاقات

sartaj-ziz

نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊو ۾  سارڪ ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي پاڪ-ڀارت پرڏيهي سيڪريٽريز وچ ۾ غير رسي ملاقات ٿي آهي، جڏهن ته  ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج ۽ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز وچ ۾ اهم ملاقات سڀاڻي ٿيندي.

نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊو ۾ سارڪ ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن دروان روڊ ۽ ريل رابطن، توانائي جي شعبي ۾ سهڪار ۽ غربت جي خاتمي لاءِ قدمن تي ويچاريو ويندو، ان کان علاوه گڏيل واپار ۽ دهشتگردي خلاف گڏيل قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ڪندو.

ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ۽ ڀارتي هم منصب ايس جئي شنڪر وچ ۾ سائيڊ لائين تي ملاقات ٿي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سارڪ ملڪن جي اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج وچ ۾ به سڀاڻي اهم ملاقات ٿيندي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون شروع ڪرڻ سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*