راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ طلبي باوجود پيش نه ٿيڻ تي ڪمانڊٽ ڊي آءِ جي سهالا ڪاليج سهيل حبيب جا گرفتاري وارنٽ جاري

banzer-bhutho31-8

راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ طلبي باوجود پيش نه ٿيڻ تي ڪمانڊٽ ڊي آءِ جي سهالا ڪاليج سهيل حبيب جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راءِ ايوب مارٿ پاڪستان جي پهرين عورت وزير اعظم بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دروان فريادي جو گواهه ڊي آءِ جي سهيل حبيب تاجڪ عدال ۾ پيش نه ٿيو، جڏهن ته ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر سڪيورٽي فراهم ڪرڻ بابت جواب داخل نه ڪرائي سگهيو.

عدالت طلبي باوجود پيش نه ٿيڻ تي ڪمانڊٽ ڊي آءِ جي سهالا ڪاليج سهيل حبيب جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*