ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي سپر ٽين مرحلي ۾ ميزبان ڀارت جي ٽيم کي نيوزيلينڊ هڪ طرفي مقابلي بعد 47رنز تان شڪست

india-vs-newsland

ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي سپر ٽين مرحلي ۾ ميزبان ڀارت جي ٽيم کي نيوزيلينڊ هڪ طرفي مقابلي بعد 47رنز تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.

ڀارت شهر ناگپور ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ ڪيوي ٽيم جي ڪپتان ڪين ويلمسن ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرره 20 اوورس ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 126رنز اسڪورڪيون،جنهن ڪوري اينڊرسن 34، سانٽنر 18، روز ٽيلر 10رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا،جڏهن ته ليوڪ رونچي 21رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو.

ڀارتي ٽيم پاران ايشون، اشيش نهرا، بمرا،سريش رائنا۽رويندره جديجه هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڀارتي ٽِيم نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 127رنز جو آسان ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽِيم 18 ڏهائي هڪ اوور ۾ صرف 79رنز اسڪور ڪري سگهي ۽اهڙي طرح کين 47رنز تان شڪست ملي.

ڀارتي ٽيم پاران ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني 30،ويرات ڪوهلي 23۽ايشون 10 رنز اسڪور ڪري نمايا رهيا،جڏهن ته روهت شرما5، شيکر ڌون هڪ، سريش رائنا هڪ، يووراج سنگهه چار، پانڊيا هڪ رنز ٺاهي سگهيو.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران مچل سانٽنر چار اوورس ۾11رنز ڏئي چار ،اشسودي 18رنز عيوض 3، نيٿل ميڪيولم 2،جڏهن ته ملائن هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

مچل سانٽنر کي شاندار آلرائونڊ ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*