پشاور سانحي جي سوڳ ۾ اڄ ٽئين ڏينهن به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

پشاور سانحي جي سوڳ ۾ اڄ ٽئين ڏينهن  به مختلف شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز بند ڪري قران خوانيون ڪيون ويون، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ ڏيئا ٻاري پشاور جي شهيد ٻارڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

لاڙڪاڻي ۾ پشاور واقعي خلاف قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس اين پي ڪارڪنن پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

قمبر  ۾ پشاور سانحي خلاف، گسٽا، سماجي تنظيمن ۽ اسڪولي شاگردن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو.

نارو ۾ رينجرز پبلڪ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڏيئا ٻاري پشاور  جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

ٽنڊو آدم ۾ پشاور سانحي خلاف ٽئين ڏينهن به شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مختلف اسڪولن ۾ استاد ۽ شاگردن پاران شهيدن کي پيٽا پيش ڪري دعائون گهريون ويون.

جهڏو ۾ به پشاور سانحي خلاف مڪمل شٽربند هڙتال آهي، مختلف اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن ريلي ڪڍي سانحي جي شهيدن لاءِ دعائون گهيون ويون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*