پاڪستان جي دوري تي پهتل ترڪمانستان جي صدر قربان علي محدوف وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات

179750_1228702817158140_1498035711780003784_n

پاڪستان جي دوري تي پهتل ترڪمانستان جي صدر قربان علي محدوف وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، مهمان صدر کي پاڪستان پهچڻ تي 21 توپن جي سلامتي ۽ گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو ويو.

 ترڪمانستان جو صدر قربان علي محدوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو ته نور خان ايئربيس تي وزيراعظم نوازشريف سندس آجيان ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي،وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ اسلام آباد جو ميئر شيخ عنصر عزيز به موجود هئا.

ان موقعي تي مهمان صدر کي 21 توپن جي سلامتي ڏني وئي، جنهن بعد وزيراعظم هائوس پهچڻ تي کيس گارڊ آف آرنر به پيش ڪيو ويو.

وزيراعظم هائوس ۾ ترڪمانستان جي صدر وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان، ترڪمانستان، افغانستان ۽ ڀارت وچ ۾ گيس پائيپ لائين پراجيڪٽ جي ترقياتي ڪمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 ترڪمانستان جو صدر پنهنجي هم منصب ممنون حسين سان به ملاقاتون ڪندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*